ميرعبدالرزاق بکري

ميرعبدالرزاق بکري : مير عبدالرزاق ولد مير ابوالبقا امير خان هڪ وڏو عالم هو. لغت جي علم ۾ وڏي مهارت رکندو هو. هن کي ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هو. هي پنهنجي قابليت ۽ پڙڏاڏي جي مقبوليت جي ڪري شاهجهان بادشاهه جي درٻار ۾ پهتو ۽ وڏي عهدي تي مقرر ٿيو. هن جي ڀيڻ جي شاهجهان جي پٽ مراد بخش سان شادي ٿي. شهزادي جي پهرين گهر واري مرزا سيد رستم صفويءَ جي ڌيءَ هئي، جنهن مان کيس ڪو به اولاد نه ٿيو، ان ڪري هي شادي ٿي. ڪنوار کي بادشاهه طرفان هڪ لک رپين جا هيرا ڏنا ويا هئا. مير عبدالرزاق بکري بهترين شاعر به هو، هن جو ننڍو ڀاءُ مير ابوالمڪارم به سٺو شاعر ٿي گذريو آهي. هن 1062هه/1652ع ۾ وفات ڪئي. هن جو مقبرو بکر جي ڏکڻ ۾ جابلو سلسلي تي پنهنجي والد مير ابوالبقا امير خان جي مزار جي ڀرسان آهي. مقبري تي ڪافي تعداد ۾ فارسي شعر لکيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو